پير محمد شاهه

پير محمد شاهه: پير محمد شاهه مٽيارين جي باقيل پوٽن ساداتن مان سيد مير اول شاهه جو فرزند، وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 2 جون 1891ع مطابق 22 شوال 1308 هجريءَ ۾ مٽياريءَ ۾ جنمن ورتو. شروعاتي تعليم مٽياريءَ جي استادن وٽ حاصل ڪيائين ۽ اتان جي مشهور استاد مولوي قاضي لعل محمد کان عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. پير صاحب زندگيءَ ۾ تيرهن حج ڪيا هئا. راڄ جو پڳدار به هو. جنهن بابت سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ”جن سين'>جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته: ”هنن جي پاڙي جو اصل ڄاموٽ، سيد ڇٽن شاهه هو، جو لاولد ٿي وفات ڪري ويو، ان کان پوءِ ڄاموٽيءَ جي پڳ خالي رهي. جيڪا جملي ڀائرن گڏجي حاجي الله اوڀائي شاهه کي ٻڌائي، جنهن جڏهن 1345هه/ 1926ع ڌاري وفات ڪئي ته ڀائرن گڏجي الحاج محمد شاهه کي ڄاموٽ مقرر ڪيو.“ هو بزرگ انگريزن خلاف آزادي واري جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. ان دؤر ۾ جواهر لال نهرو جي ميزباني ڪرڻ ڪري 90 ڏينهن لاءِ نظربند به ٿيو هو. ان کان سواءِ ٻن ڀائرن کي مسلمان ڪرڻ تي هندن طرفان جڏهن مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو، ته ڇوڪرن کي واپس ڪرڻ بجاءِ ٻه سال قيد ڪاٽڻ کي ترجيح ڏنائين. پير صاحب برادري سطح تي قائم ڪيل تنظيم ’انجمن سادات مٽياري‘ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. پير محمد شاهه ڄاموٽ خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. جڏهن خلافت تحريڪ پاران ترڪ موالات جو اعلان ڪيو ويو ته انگريزن ان جي ٽوڙ لاءِ امن سڀائون قائم ڪيون هيون، جن تي حق پرست عالمن، امن سڀائن خلاف ’علماءِ سُوءِ‘ نالي سان فتوائن جو مجموعو جاري ڪيو. جنهن ۾ پير صاحب به امن ڪميٽين جي خلاف فتويٰ ڏني. پير صاحب کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قائم ڪيل تنظيم ’آزاد سنڌ ڪانفرنس‘ جي مٽياريءَ جي يونٽ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ سڄي زندگي اسلام ۽ قوم جي خدمت ڪندي گذاريائين.


لفظ پير محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1891.06.02  عيسوي

پير محمد شاهه 2 جون 1891ع مطابق 22 شوال 1308 هجريءَ ۾ مٽياريءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب الله خطاط
سرائي محمد صالح خان
غنويٰ ڀٽو
ديبلي احمد بن محمد
بهو بيگم عرف صاحب دولت
جوڻيجو عبدالرحيم
چنگيز خان
سيده بيگم
آفتاب سومرو
اي آرملڪ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون